صلاح الدين شاهه

صلاح الدين شاهه: علي شير قانع هن کي مير صلاح الدين جي نالي سان ياد ڪيو آهي. اصل لڪعلوي (لڪي) جي سيدن مان آهي. پنهنجي ذاتي صلاحيت وسيلي، دين خواه دنيا جي سڌاري ۾ ڪوشش ڪري نالو ڪڍيائين. هن کي درگاهه جي سجاده نشيني نصيب ٿي. ڀڳي ٺوڙهي ٽڪر تي هڪ ننڍو قلعو هن جو يادگار آهي. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 351) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب وڌيڪ لکيو آهي ته، لعل شهباز جي وفات کان پوءِ سيوهڻ ۾ اچي، حضرت ابراهيم شاهه (جتي) جو طالب ٿيو. هي بزرگ لعل سائينءَ جو سجاده نشين ثابت آهي. هن کي گهڻو اولاد ٿيو. ان ڪري ‘اولادي مير’ سڏجڻ ۾ آيو. شاهه اولاديءَ جي ڪافي سندس يادگار آهي. هن وقت اولادي ڪافيءَ جو گادي نشين سيد مراد علي شاهه ۽ خليفو محمد شاهه (2009ع) آهي.


لفظ صلاح الدين شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو